انڊيا روسي تيل جي خريداري بند نه ڪئي ته ٽيرف لاڳو ٿيندو

انڊيا روسي تيل جي خريداري بند نه ڪئي ته ٽيرف لاڳو ٿيندو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن هندستان روسي تيل خريد ڪرڻ بند نه ڪندو ته ان تي ڳرا ٽيرف جاري رهندا، صدر ٽرمپ چيو ته نريندر مودي چيو هو ته هو روسي تيل نه خريد ڪندو، هندستان کي روسي تيل تي فيصلو ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ ان تي معاشي دٻاءُ وڌندو، هن چيو ته چين ٽيرف گهٽائي سگهي ٿو، پر ان کي اسان لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو،ٽرمپ چيو ته هو چاهي ٿو ته چين آمريڪا سان ناياب زمين جو راند نه کيڏي، ۽ ڪولمبيا تي ٽيرف بابت وڌيڪ اعلان سومر تي ڪيا ويندا.صدر ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن يوڪرين ڊونباس علائقو روس جي حوالي ڪري ٿو ته اهو ڪا نئين ڳالهه نه هوندي.هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ جنگ بندي اڃا تائين برقرار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو