اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)وزيراعظم هائوس پاران آچر ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت 2025-26ع لاءِ ’ڪڻڪ پاليسي‘ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ۽ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ بين الصوبائي چر پر تي ڪا به پابندي نه هوندي. هي فيصلو ان پسمنظر ۾ ڪيو ويو آهي، جتي پنجاب حڪومت ڪڻڪ ۽ اٽي جي صوبي کان ٻاهر منتقلي تي سخت ضابطا لاڳو ڪري ڇڏيا هئا، جنهن جو مقصد اندروني طور قيمتن کي وڌڻ کان روڪڻ هو. پر اهو قدم خاص طور تي خيبر پختونخوا حڪومت پاران تنقيد جو نشانو بڻيو هو.بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڇنڇر ڏينهن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪڻڪ پاليسي تي بحث ڪيو ويو هو. اجلاس ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جا وڏا وزير شامل هئا، جڏهن ته خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جو نمائندو به موجود هو. ان سان گڏ آزاد جمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز پڻ شرڪت ڪئي هئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان هڪ زرعي معيشت آهي ۽ ڪڻڪ ان جي بنيادي اهميت رکي ٿي. هن چيو: “ڪڻڪ نه رڳو پاڪستان جي عوام جي بنيادي خوراڪ آهي پر ملڪ جي هارين جي آمدني جو سڀ کان وڏو ذريعو پڻ آهي.” هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي هارين جي مشڪلاتن جو مڪمل احساس آهي ۽ سڀ ممڪن ڪوششون انهن جي ڀلائي لاءِ ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم هارين کي معيشت جي “ريڙهه جي هڏي” قرار ڏنو. شهباز شريف ٻڌايو ته حڪومت ڪڻڪ پاليسي تي سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشورا ڪيا آهن، جن ۾ صوبا، هارين جون تنظيمون ۽ صنعتڪار شامل آهن. هن چيو ته هي پاليسي گڏيل رضامنديءَ تي ٻڌل آهي ۽ ان تي صوبن جي تعاون کي ساراهيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاليسي جو مقصد عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ سان گڏ هارين لاءِ مناسب منافعو يقيني بڻائڻ آهي، ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اها زرعي شعبي جي ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف زور ڏنو ته هي پاليسي نه رڳو هارين جي آمدني وڌائيندي پر ملڪ ۾ خوراڪ جي سلامتي (food security) کي به مضبوط بڻائيندي. بيان موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نئين پاليسي تحت وفاقي ۽ صوبا حڪومتون گڏجي لڳ ڀڳ 6.2 ملين ٽن ڪڻڪ جو اسٽريٽجڪ ذخيرو حاصل ڪري سگهنديون. ڪڻڪ جي خريداري في مڻ (40 ڪلو) 3500 رپيا جي حساب سان ڪئي ويندي، جيڪا عالمي درآمدي قيمت جي برابر آهي. هي قدم مارڪيٽ ۾ مقابلي کي برقرار رکندو ۽ هارين لاءِ مناسب قيمت ۽ منافعو يقيني بڻائيندو.” پاليسي جي عملدرآمد لاءِ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي سربراهي هيٺ هڪ ڪميٽي ڪم ڪندي، جنهن ۾ سڀني صوبن جا نمائندا شامل هوندا. هي ڪميٽي هفتي ۾ هڪ ڀيرو ميٽنگ ڪندي ۽ وزيراعظم کي رپورٽ پيش ڪندي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو ويو ته حڪومت هارين لاءِ منصفاڻيون قيمتون ۽ مناسب اسٽاڪ يقيني بڻائيندي، جنهن سان ملڪ ۾ مستحڪم ذخيرا قائم رهندا. ياد رهي ته آءِ ايم ايف ڪڻڪ جي سپورٽ پرائيس مقرر ڪرڻ تي پابندي مڙهي هئي، جنهن سبب هلندڙ سال حڪومت ڪڻڪ خريد نه ڪئي، واپارين 2000 في مڻ کان مٿي رقم نه ڏني جنهن سبب هارين کي فصل جي اڌ لاڳت جي قيمت به نه ملي سگهي هئي.جنهن سبب هارين هن سال ڪڻڪ نه پوکڻ جو اعلان ڪيو هو.










