دهشتگرد ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهين، ڪنڊي

دهشتگرد ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهين، ڪنڊي

پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته دهشتگرد ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهين.هڪ بيان ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته مان ڊي پي او ۽ ڊي آءِ خان پوليس کي سلام پيش ڪريان ٿو، آپريشن جي معاملي تي هڪ معاهدو ٿيڻ گهرجي.گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته خيبر پختونخواهه دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، صوبي ۾ امن لاءِ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ضروري آهن،هو چوي ٿو ته اسان انهن سان ڳالهيون نٿا ڪرڻ چاهيون جيڪي ملڪ جي آئين ۽ رياست جو احترام نٿا ڪن، پاڪستان ۾ ترقي لاءِ امن جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو