عورتن جي حقن لاءِ هانيه عامر گڊ ول ايمبيسڊر مقرر

عورتن جي حقن لاءِ هانيه عامر گڊ ول ايمبيسڊر مقرر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اقوامِ متحده پاڪستان طرفان مشهور اداڪاره هانيه عامر کي نئين قومي گُڊ وِل ايمبيسيڊر طور مقرر ڪيو ويو آهي. تنظيم موجب، هانيه عورتن جي حقن، برابري ۽ بااختياري لاءِ آگاهي ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. انسٽاگرام تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو ويو ته هانيه عامر پنهنجي نئين ڪردار تحت پنهنجي پليٽفارم ذريعي آگاهي ڦهلائڻ، عملي قدمن جي همت افزائي ڪرڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي آواز کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. هانيه عامر چيو ته عورتن لاءِ برابري ۽ بااختياري منهنجي پهرين ترجيح آهي، هر ڇوڪري کي پنهنجا خواب پورا ڪرڻ جو حق ملڻ گهرجي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ هانيه عامر آمريڪا جي شهر هيوسٽن ۾ هڪ ايوارڊ تقريب دوران طبيعت ناساز ٿيڻ سبب علاج هيٺ رهي هئي، پر هاڻي هوءَ مڪمل صحتياب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو