مهمند ۾ وڏو آپريشن، 45 کان مٿي خارجي مارجي ويا

مهمند ۾ وڏو آپريشن، 45 کان مٿي خارجي مارجي ويا

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) جنگ بندي جو فائدو وٺندي فتنه الخارج جي سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو، جڏهن ته پاڪستاني فوج مهمند ۾ ڪاميابي سان هڪ آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 45 کان 50 خوارج مارجي ويا، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مهمند ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ وڏي آپريشن دوران پاڪستان ۾ سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ۽ 45 کان 50 خوارج مارجي ويا.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن انٽيليجنس جي بنياد تي ڪيو ويو، جنهن ۾ خارجين جي هڪ وڏي فارميشن کي نشانو بڻايو ويو. آپريشن دوران ڪيترائي خارجي زخمي پڻ ٿيا، جڏهن ته پاڪستاني فوج علائقي کي گهيري ۾ وٺي مڪمل ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، سيڪيورٽي ذريعن موجب، آپريشن دوران فائرنگ جو تبادلو ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري آهي، مارجي ويل خارجي پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪرڻ لاءِ افغانستان کان آيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو