راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ 34 دهشتگرد مارجي ويا، پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) موجب سيڪيورٽي فورسز 13 کان 15 آڪٽوبر تائين خيبر پختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ آپريشن ڪيا، جنهن دوران مختلف جھڙپن ۾ 34 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر چيو ته هندستاني سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ فتنه الخارج جا دهشتگرد انهن ڪارروائين ۾ مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب، خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 18 خارجي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويا، جڏهن ته ڏکڻ وزيرستان ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن دوران 8 دهشتگرد به مارجي ويا،آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته فورسز بنون ضلعي ۾ ٽيون آپريشن ڪيو، جنهن دوران فورسز جي ڪارروائي ۾ 8 خارجي مارجي ويا.










