شھدادپور(ن س)شھدادپور ويجهو ڳوٺ وليو خان لاشاري ۾ لاشاري برداري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو آھي جھيڙي دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ظھور احمد لاشاري قتل ٿي ويو.جڏھن ته 5 ڄڻا علي امان ڏاڙھون ۽ امير علي گل حسن. امير گل زخمي ٿي پيا آھن جن کي طبي امداد لاء سمس اسپتال شھدادپور آندو ويو بعد ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي اسپتال ۾ موجود فوتي ظھور لاشاري جي وارثن ٻڌايو ته سال اڳ ظھور لاشاري جي پٽ جبار لاشاري ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو ھو جنھن سبب اسان جي برداري جا ڪجھ ماڻھو ناراض ھئا جن اڄ اسان جي گھرن تي حملو ڪيو جنھن سبب ھڪ نوجوان قتل ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن اسان جي عورتون کي پڻ اغوا ڪري ويا آھن اسان سان ظلم ڪيو ويو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ـ فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي ـ ٻئي پاسي پوليس رپورٽ داخل ڪري ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري جانچ شروع ڪري ڇڏي آھي ـ فوتي جي فوت ٿيڻ جو اطلاع گهر پھچڻ تي گهر ۾ قھرام مچي ويو ـ










