صدر سان وزيراعظم جي ملاقات، سياسي صلاح مشورا

صدر سان وزيراعظم جي ملاقات، سياسي صلاح مشورا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيرِ اعظم شهباز شريف جي صدرآصف زرداري سان ايوانِ صدر ۾ ملاقات ٿي آهي. ايوانِ صدر جي ترجمان موجب، ملاقات ۾ نائب وزيرِ اعظم اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، وفاقي وزير احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، سليم مانڊوي والا، شيري رحمان ۽ نيئر حسين بخاري به شريڪ ٿيا.ملاقات دوران قومي اهميت، موجودا سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال سان لاڳاپيل معاملن، پاڪستان جي اسٽريٽجڪ معاشي مفادن کي متاثر ڪندڙ تازين علائقائي ۽ بين الاقوامي اڳڀرائين جو جائزو ورتو ويو. وزيرِ اعظم شهباز شريف صدر آصف زرداري کي مصر ۽ ملائيشيا جي تازي دوري، غزا ۾ امن جي ڪوششن ۽ عالمي اڳواڻن سان ملاقات بابت آگاهه ڪيو. صدر ۽ وزيرِ اعظم جي ون آن ون ملاقات ۾ اهم قومي ترجيحن، حڪومتي پاليسين جي مجموعي پاسن تي به خيالن جو ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ صدرِ آصف زرداري ۽ وزيرِ اعظم شهباز شريف قومي اهميت وارن معاملن تي سياسي صلاح مشورا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو