سکر ( ن س )سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن ۽ انفارميشن ڊپارٽمينٽ سنڌ نديم الرحمان ميمڻ سکر ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليج ايجوڪيشن سکر عبدالقادر چاچڙ، پرنسپل گرلز ڊگري ڪاليج سکر پروفيسر سلمه قاضي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪاليج ايجوڪيشن وفا شاهه، انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس سعيد عابد، احسن ڀٽي سميت لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا. دوري دوران سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ کي پرنسپل پاران ڪاليج اندر تدريسي، انتظامي ۽ انفراسٽرڪچر سان لاڳاپيل معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن گرلز ڊگري ڪاليج جي مختلف شعبن سائنس ليب، ڊجيٽل لائبريري، ڪلاس رومز، آفيس سيڪشن ۽ اڪيڊمڪ بلاڪ جو جائزو ورتو جتي عملي ۽ شاگردياڻين سان به ملاقاتون ڪيون. سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن صفائي سٿرائي، پيئڻ جي صاف پاڻي، ڪلاسز ۾ روشني، واش رومز ۽ سيڪيورٽي جا انتظام چيڪ ڪندي لاڳاپيل عملي کي بهتر انتظامن لاءِ سخت هدايتون جاري ڪيون. هن زور ڏنو ته تعليمي ادارن ۾ سهولتون بنيادي حق آهن ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. سيڪريٽري شاگردياڻين سان گفتگو ڪندي چيو ته توهان ئي اسان جي مستقبل جون ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد ۽ سائنسدان آهيو. پڙهيل لکيل عورت سماج جي ترقيءَ جي ضمانت آهي. حڪومت تعليم ۾ سڌارن ۽ جديد سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن استادن تي زور ڏنو ته شاگردياڻين جي حوصلا افزائي، باقاعده حاضري ۽ اعليٰ تدريس کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي پرنسپل گرلز ڊگري ڪاليج سلمه قاضي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪاليج کي گذريل ڪجهه عرصي کان ڪيترا ئي مسئلا درپيش آهن، جن ۾ شاگردياڻين جي ٽرانسپورٽ، بارشن سبب متاثر ٿيل انفراسٽرڪچر ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف جي ٽرانسفر باوجود برقرار رهڻ جا مسئلا شامل آهن. هن ٻڌايو ته ڪاليج جي بس ڊگهي عرصي کان خراب آهي، جنهن سبب شاگردياڻين جي حاضري متاثر ٿي رهي آهي. گڏوگڏ ڪجهه حصن تي غيرقانوني قبضا ۽ بجلي جي چوري جا معاملا پڻ درپيش آهن. سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليج ايجوڪيشن کي هدايت جاري ڪندي چيو ته قبضا ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ٽرانسفر ٿيل عملي کي لکت ۾ نوٽيس موڪليا وڃن. هن انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس کي به هدايت ڪئي ته خسته حال آئڊيٽوريم، ڪمزور ڇتن ۽ ٻين عمارتن جي مرمت لاءِ فوري منصوبي تي ڪم شروع ڪيو وڃي. آخر ۾ سيڪريٽري عملي سان ملاقات ڪندي سندن تجويزون غور سان ٻڌيون ۽ يقين ڏياريو ته شاگردياڻين ۽ عملي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.










