افغان حڪومت مسئلا خوش اصلوبي سان حل ڪرڻ چاهي ٿي

افغان حڪومت مسئلا خوش اصلوبي سان حل ڪرڻ چاهي ٿي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته افغان قيادت پاڪستان سان مسئلا افهام و تفهيم سان حل ڪرڻ جي خواهشمند آهي، ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته ماضي ۾ هن پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تڪرار گهٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هاڻي به ڪري سگهي ٿو. هو افغان قيادت سان رابطي ۾ رهيو آهي ۽ اهي مسئلا خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ چاهين ٿا.هن چيو ته پاڪ-افغان جنگ بندي ٿي چڪي آهي، تنهن ڪري هاڻي جنگ بندي به ٿيڻ گهرجي، ڀڙڪائڻ جي بدران ٻنهي ملڪن کي سوشل ميڊيا سميت هر هنڌ، شين کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه چيو ته ڪشمير بابت افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي جي بيان تي شور مچائڻ بدران پنهنجي ڪردار تي به نظر وجهڻ گهرجي،پاڪستان ڪشمير بابت ڪيترين پاليسين ۾ تبديلي آندي آهي، اهو به سڀني جي سامهون آهي، مولانا فضل الرحمان سوال اٿاريو ته ڇا پاڪستان ڪشمير جو حل گڏيل قومن جي قراردادن جي روح مطابق چاهي ٿو ۽ ان لاءِ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته افغانستان تي ڪيل مطالبن کي ڏسڻ گهرجي ته اهي ان جي قابل آهن يا نه، هن چيو ته افغانستان جي انٽيليجنس ۽ ٻيون فوجي صلاحيتون اڃا تائين پنهنجي ابتدائي مرحلي ۾ آهن، جڏهن ته پاڪستان وٽ عالمي معيار جي فوج ۽ صلاحيتون آهن، اسان جي رياست کي سوچڻ گهرجي ته ڇا هن وقت مغربي محاذ کولڻ هڪ صحيح جنگي حڪمت عملي ٿي سگهي ٿي؟، تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي مظاهري جي حوالي سان مولانا فضل الرحمان چيو ته هر ڪنهن کي احتجاج جو حق آهي، مون اڳ به مظاهرين سان ٿيندڙ سلوڪ جي مذمت ڪئي آهي ۽ اڃا به ڪريان ٿو، حڪومت کي ڪنهن به حالت ۾ تحريڪ لبيڪ خلاف تشدد جو رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي، خيبر پختونخواهه ۾ وزيراعليٰ جي چونڊ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه چيو ته معاملو اڃا تائين عدالت ۾ آهي. عدالت کي آئين ۽ قانون موجب معاملي کي ڏسڻ گهرجي. عدالت کي انتظامي حڪمن جي بدران آئيني گهرجن مطابق معاملو ٻڌڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو