ڊبو راند دوران ٻن گروپن ۾ جهيڙو، فائرنگ ۽ تشدد ۾ 5 زخمي

ڊبو راند دوران ٻن گروپن ۾ جهيڙو، فائرنگ ۽ تشدد ۾ 5 زخمي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شاهراهه نور جهان تي ڊبو گيم کيڏڻ دوران ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ ۽ تشدد سبب 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا، پوليس موجب نارٿ ناظم آباد جي پهاڙ گنج علائقي شاهراهه نور جهان ۾ ڊبو گيم جي دڪان تي راند کيڏڻ دوران جهيڙو ٿيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙي جي نتيجي ۾ ٻئي گروپ آمهون سامهون ٿي ويا. ٻنهي گروپن جي ميمبرن هڪ ٻئي تي تشدد ڪيو ۽ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا. جهيڙي دوران ٻين دڪانن جو سامان به ٽٽي پيو، شاهراهه نور جهان پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي صورتحال تي ضابطو آندو، پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين مان هڪ کي گولي لڳي ۽ ٻيا تشدد سبب زخمي ٿيا، پوليس موجب، فائرنگ ۾ ملوث جوابدار جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، پر اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو