غزه ۾ پرڏيهي سرپرستي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: حماس

غزه ۾ پرڏيهي سرپرستي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: حماس

غزهه (ويب ڊيسڪ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جو چوڻ آهي ته غزه جي حڪومت خالص طور تي اندروني فلسطيني معاملو آهي ۽ ان حوالي سان پرڏيهي سرپرستي قابل قبول ناهي، عرب ميڊيا موجب فلسطيني مزاحمتي تنظيمون حماس، اسلامي جهاد ۽ پاپولر فرنٽ جو چوڻ آهي ته غزه جي حڪومت خالص طور تي اندروني فلسطيني معاملو آهي ۽ ڪنهن به پرڏيهي سرپرستي کي قبول نه ڪيو ويندو، غزه جنگ بندي معاهدي جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ، هزارين فلسطيني پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ امدادي ٽرڪون پڻ غزه ۾ داخل ٿي رهيون آهن، رپورٽ موجب، غزه سول ڊفينس پڻ ملبي هيٺان دفن ٿيل انساني باقيات جي ڳولا جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ جمعي کان وٺي 155 لاش هٿ ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف، اسرائيلي فوج غزه معاهدي جي تحت نئين سرحدن تي پوزيشنون وٺڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو