بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ)سارين جي اگھ ۾ هٿرادو گھٽتائي ۽ ناجائز ڪٽوتي خلاف آبادگار ايڪشن ڪميٽي جي سڏ گولاڙچي تعلقي جي مختلف شھرن گولاڙچي،کورواھ،ڪڙيو گھنور،ترائي ۽ احمد راڄو سميت تعلقي جي مختلف ڳوٺن کان ھزارين آبادگارن،ھارين ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران احمد راڄو روڊ کان هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي شھيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو ويو آباد گارن ھارين ۽ سياسي سماجي ڌرين جي احتجاجي ريلي ايس يو پي اڳواڻ امير آزاد پنھور،جي ڊي اي اڳواڻ محمد حسن شاهاڻي،جاکرو نوحاڻي،فتح محمد مهيري،ابو نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي شهيد فاضل راهو چوڪ تي پهتي، جتي هزارين آبادگارن، هارين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي امير آزاد پنهور،محمد حسن شاهاڻي،ڪامريڊ جاکرو نوحاڻي، مولوي فتح محمد مهيري، ابو نوحاڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت آبادگارن سان معاشي ڏاڍائي بند ڪري، سارين جو مناسب اگهه مقرر ڪري ۽ ناجائز ڪٽوتين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ڌرڻي ۾ آبادگارن،هارين،سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن سميت وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته شهر ۾ ٽريفڪ متاثر ٿي وئي شھيد فاضل راهو چوڪ جي چئني پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون










