اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي سالياني اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو آهي.پنهنجي 6 ڏينهن جي دوري دوران آءِ ايم ايف، ورلڊ بينڪ، انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن ۽ ملٽي ليٽرل انويسٽمينٽ گارنٽي ايجنسي جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو.ناڻي واري وزير عالمي بينڪ جي صدر اجي بنگا سان بالمشافه سان ملاقات به طئي آهي، جڏهن ته هو اجي بنگا جي خصوصي دعوت تي مختلف ملڪن جي ناڻي واري وزيرن جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ به شرڪت ڪندو.محمد اورنگزيب G24 ۽ وچ اوڀر، اتر آفريقا ۽ پاڪستان (MENAP) ملڪن جي پليٽ فارم تي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽلينا جارجيوا سان به ملاقات ڪندو، جتي هو بطور مقرر طور تي خطاب پڻ ڪندو.جڏهن ته هو ايف بي آر جي ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن بابت عالمي بينڪ جي اهتمام هيٺ علاقائي رائونڊ ٽيبل ۾ شرڪت ڪندو، جنهن ۾ مختلف ملڪن جي ٽيڪس اختيارين سان پنهنجي اصلاحاتي اڳڀرائي پڻ پيش ڪندو. ناڻي وارو وزير ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اهتمام هيٺ ٿيل 2 وڏن پروگرامز ۾ به شرڪت ڪندو جڏهن ته چين، سعودي عرب، ترڪيه، آذربائيجان ۽ برطانيه جي هم منصبن سان ملاقاتون به انهن جي شيڊول جو حصو آهن. دوري جي دوران محمد اورنگزيب جون وائٽ هائوس، آمريڪي ناڻي واري وزارت ۽ اسٽريٽ ڊپارٽمينٽ جي اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون به ٿينديون. هو ڪانگريس جي فنانشل سروسز ڪميٽي جي چيئرمين ۽ يو ايس پاڪستان بزنس ڪونسل جي عهديدارن سان به ڳالهيون ڪندو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جي موقعن ۽ ٽيڪس تجويزن تي به ڳالهيون ڪيون وينديون.










