ٽي ايل پي جو احتجاج، اسلام آباد ڪنٽينر لڳائي بند، سيڪيورٽي سخت

ٽي ايل پي جو احتجاج، اسلام آباد ڪنٽينر لڳائي بند، سيڪيورٽي سخت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)هڪ مذهبي تنظيم جي احتجاج جي اعلان کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن. مذهبي جماعت اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪيو آهي.اسلام آباد جي داخلا تي ڪنٽينر رکيا ويا آهن، جنهن جي ڪري شهري آمدورفت ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.موبائل ڊيٽا سروس جي اثر سبب شهري انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.ان کان علاوه راولپنڊي ۾ اڪثر خانگي تعليمي ادارن ۾ به موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو