ميھڙ ۾ پراڻي خوني تڪرار تان فائرنگ،3 ڄڻا قتل

ميھڙ ۾ پراڻي خوني تڪرار تان فائرنگ،3 ڄڻا قتل

ميھڙ : (ن س) راڌڻ ٿاڻي جي حد غلام جانوري ۾ جانوري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان ميهڙ ٿاڻي ڀرسان فريدآباد روڊ تي جوابدار فائرنگ ڪري چاچي ۽ ڀائٽي بخشل جانوري ،اجيب جانوري کي گوليون هڻي قتل ڪري جوابدار فرار ٿي ويا اطلاع ملڻ تي ميهڙ پوليس ٻنين مقتول جا لاش تعلقي اسپتال ميھڙ پوسٽ مارٽم لاءِ پهچايا پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل نه ٿيو جڏهن ته اطلاع ملڻ تي جانوري برادري جا ماڻهو وڏي انگ ۾ تعلقه اسپتال ميھڙ پهچي ويا جڏهن ته علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهون ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو