ٽي ايل پي آفيس تي ڇاپو، لاهور ۾ جهڙپون، ڪيترائي ڪارڪن زخمي

ٽي ايل پي آفيس تي ڇاپو، لاهور ۾ جهڙپون، ڪيترائي ڪارڪن زخمي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ پوليس گذريل رات دير سان تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي هيڊ ڪوارٽر تي ڇاپو هنيو ۽ سعد رضوي کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس ۽ پارٽي ڪارڪنن ۾ سخت جهڙپون ٿيون. رپورٽ ۾ موجب ٽي ايل پي هيڊ ڪوارٽر تي ڇاپي دوران مڇريل ڪارڪنن پوليس تي پٿرن ۽ لوهه جي راڊن سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي پوليس ڪانسٽيبل زخمي ٿيا، جوابي ڪارروائي ۾ پوليس پاران گيس جا شيل فائر ڪيا ويا، جنهن سان ملتان روڊ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل وڊيوز ۾ ٽي ايل پي ڪارڪنن کي آنسو گيس جي فائرنگ دوران ڀڄندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته ٻين وڊيوز ۾ ڪارڪن گوليون ۽ خالي آنسو گيس جا شيل ڏيکاري رهيا هئا، ٽي ايل پي هيڊ ڪوارٽر تي ڪريڪ ڊائون ان وقت ٿيو جڏهن تنظيم جمعي تي وفاقي گادي واري هنڌ ۾ آمريڪي سفارتخاني جي ٻاهران اسرائيل خلاف وڏي پيماني تي احتجاج جو اعلان ڪيو، احتجاج کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد انتظاميا فيض آباد انٽرچينج (جيڪو ٽي ايل پي جي ڌرڻن جو تاريخي هنڌ رهيو آهي) تي ڪنٽينر لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، خميس جي صبح جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ٽي ايل پي دعويٰ ڪئي ته ان جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، پوليس ذريعن موجب ٽي ايل پي پنهنجي ڪيترن ئي حمايتين کي لاهور گهرايو هو، جيڪي عارضي ڪئمپن ۾ رهي رهيا هئا،جڏهن پوليس پارٽين ٽي ايل پي جي مرڪزي آفيس تي ڇاپو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ته انهن عنصرن پوليس تي حملو ڪيو، پٿرن، لٺن ۽ لوهه جي راڊن سان هٿياربند، مشتعل ڪارڪن پوليس کي پوئتي ڌڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو