ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): سنڌ حڪومت سنڌ جي مالوند ڀاڳين جي پالتو جانورن کي مختلف بيمارين کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار سنڌ جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي روس مان آيل هڪ ويڪسين ٺاهيندڙ اداري جي ماهرن سان ملاقات دوران ڪيو. صوبائي وزير سان ملاقات ڪندڙ فيڊرل انسٽيٽيوٽ آف رشيا جي ماهرن جي ٽيم ۾ ڊاڪٽر وڪٽر، ڊاڪٽر اليگزينڊر، ڊاڪٽر پيول ۽ ڊاڪٽر نتاليا شامل هئا. وفد صوبائي وزير کي آگاهي ڏني ته انهن پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ ايف اي ڊي ۽ ايل ايس ڊي فري زون ٺاهيا آهن ۽ گذريل 15 سالن کان دنيا جي 25 ملڪن ۾ جانورن جي بيمارين خلاف ويڪسينون تيار ڪري رهيا آهن. وفد صوبائي حڪومت کي آڇ ڪئي ته هو سنڌ ۾ به ويڪسين تيار ڪرڻ ۽ مقامي ڊاڪٽرن کي تربيت ڏيڻ لاءِ سهڪار ڪرڻ چاهين ٿا، جيئن مستقبل ۾ اهي وڌيڪ ماهر بڻجي سگهن. صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي وفد کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت اڳ ۾ به ترڪي ۽ آمريڪي ويڪسين جو تجزيو ڪيو آهي ۽ هاڻي روسي ويڪسين کي آزمائشي بنيادن تي هڪ متاثر زون ۾ استعمال ڪيو ويندو. جيڪڏهن نتيجا اطمينان بخش آيا ته روسي اداري کي به باقاعدي سهڪار جو موقعو ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد آهي ته صوبي کي مڪمل طور ايف ايم ڊي ۽ ايل ايس ڊي فري زون بڻايو وڃي، ته جيئن مالوند طبقو پنهنجي جانورن کي بيمارين کان مڪمل تحفظ ڏئي سگهي.










