اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي خالي جنرل سيٽ لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن موجب اميدوار 8 ۽ 9 آڪٽوبر تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا، ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 14 آڪٽوبر تي ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪاغذن جي منظوري يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 15 آڪٽوبر تائين داخل ڪرائي سگهجن ٿيون، اليڪشن ٽربيونل 17 آڪٽوبر تي اپيلن تي فيصلو ڪندو ۽ عارضي فهرست 18 آڪٽوبر تي جاري ڪئي ويندي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اميدوار 20 آڪٽوبر تائين پنهنجا ڪاغذ واپس وٺي سگهندا ۽ سينيٽ جي ضمني چونڊ لاءِ پولنگ 30 آڪٽوبر تي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن موجب شبلي فراز جي نااهلي سبب خالي سيٽ تي ضمني چونڊ ٿي رهي آهي.










