ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا ميونسپل، يونين ڪائونسل، ۽ ٽائون ڪاميٽي سطح تي موت جي سرٽيفڪيٽ جي رجسٽريشن فيس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ترجمان ٻڌايو ته هي فيصلو سيپٽمبر 2024 ۾ ڄمڻ جي مفت رجسٽريشن بابت ڪابينا جي منظوري جي تسلسل ۾ ڪيو ويو آهي. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته نئين نظام تحت سنڌ حڪومت نادرا جي سروس چارجز جو خرچ پاڻ برداشت ڪندي، ۽ شهري موت جو سرٽيفڪيٽ بغير ڪنهن فيس جي حاصل ڪري سگهندا. وڏي وزير جو چوڻ آهي ته هي فيصلو قانون واري کاتي ۽ خزاني واري کاتي جي حمايت سان ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه، وزيراعليٰ سنڌ چيو ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 تحت اهم واقعن جي ڊجيٽل رجسٽريشن کي هٿي ڏني ويندي. هي فيصلو صوبي جي CRVS (سول رجسٽريشن ۽ حياتياتي انگ اکر نظام) کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.










