ڪوالالمپور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف سومر تي چيو آهي ته ملائيشيائي هم منصب پاران پاڪستان مان 200 ملين ڊالر جي حلال گوشت جي درآمد جو اعلان “هڪ خوش آئنده قدم” آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هن شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪندو. وزيراعظم جا هي جملا “ايڪس” تي هڪ پوسٽ ۾ سامهون آيا، جتي هن پُتراجايا ۾ ملائيشيائي وزيراعظم انور ابراهيم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. شهباز شريف اهو به ٻڌايو ته ملائيشيائي هم منصب پاڪستان مان گوشت جي درآمد ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. وزيراعظم، جيڪو گذريل ڏينهن سرڪاري دوري تي ملائيشيا پهتو، چيو ته “مون کي پُتراجايا ۾ پنهنجي ڀاءُ وزيراعظم انور ابراهيم سان تمام ڪارگر ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو مليو.” “اسان واپار، سيڙپڪاري، ماحول، دفاع، تعليم ۽ سياحت سميت تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.” شهباز شريف موجب ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي حالتن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، خاص طور وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي صورتحال تي. ٻنهي وزيراعظمن “امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ٻيهر ورجايو.” هن ملائيشيائي وزيراعظم جي گرمجوش استقبال تي شڪرانو ادا ڪيو ۽ چيو: “پُتراجايا ۾ شاندار تقريب ذريعي جيڪا عزت افزائي ڪئي وئي، ان لاءِ مان دل سان شڪرگذار آهيان.” شهباز شريف وڌيڪ چيو ته: “اسان علامه اقبال جي فلسفي تي پڻ ڳالهه ڪئي ته قوم جي طاقت ۽ تقدير ان جي خودي جي بيداري ۾ آهي. ايمان، محنت ۽ ثابت قدمي سان قومون پنهنجو مقدر ٺاهي سگهن ٿيون.” “وزيراعظم انور ابراهيم ۽ مون علامه اقبال لاءِ پنهنجي گهري عقيدت جو اظهار ڪيو، جن جو پيغام ايمان ۽ خودي جي بيداري اڄ به سڄي اسلامي دنيا ۾ نسلن کي الهام ڏئي رهيو آهي.” هن پنهنجي پيغام جي پڄاڻي ۾ چيو ته هو “پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي وارن سڀني شعبن ۾ وڌيڪ سهڪار لاءِ پراميد آهي.” پريس ڪانفرنس دوران شهباز شريف چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته “ماليشيا سان گڏجي اهڙا منصوبه شروع ڪيا وڃن، جيڪي ٻنهي ملڪن لاءِ فائدي مند هجن.”هن چيو ته ملائيشيائي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري سان ٻطرفي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، ۽ هاڻي “ٻئي ملڪ، واپار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي، ۽ مصنوعي ذهانت ۾ گڏجي اڳتي وڌڻ جا خواهشمند آهن.” شهباز شريف ٻڌايو ته ڏيڍ لک پاڪستاني ملائيشيا ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ حصو وٺي رهيا آهن. شهباز شريف ٻڌايو ته وزيراعظم انور ابراهيم جي ڪتاب “اسڪرپٽ” جو اردو ترجمو به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ استحڪام، جدت ۽ تحقيق تي زور ڏنو ويو آهي. پريس ڪانفرنس کان پوءِ ٻنهي اڳواڻن جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ ماليشيا جي وچ ۾ مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون.
ملائيشيا جي وزيراعظم پاران پاڪستان جي فلسطين واري موقف جي واکاڻ
وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستاني پروفيشنلز ۽ شاگردن جي ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ ٻڌايو ته ملائيشيا پاڪستان مان چانور جي درآمد وڌائي آهي ۽ گوشت جي درآمد ۾ پڻ دلچسپي رکي ٿو . هن چيو ته “پاڪستان جي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۾ اڳڀرائي جو امڪان اڃا به موجود آهي، ۽ هاڻي جڏهن اسان ملڪ ۾ استحڪام حاصل ڪيو آهي، اسان وڌيڪ تعاون جو خير مقدم ڪنداسين.” ابراهيم چيو ته هو پاڪستان جي فلسطين ۽ غزه بابت موقف جي تمام گهڻي تعريف ڪري ٿو. هن چيو ته “اسان گڏجي امن جي ڪوششن ۾ حصو وٺنداسين، ۽ اميد آهي ته اسان جي گڏيل ڪوششون پائيدار امن لاءِ ڪارگر ثابت ٿينديون.”
وزيراعظم شهباز کي گارڊ آف آنر سان آجيان
وزيراعظم شهباز شريف کي پُتراجايا ۾ ملائيشيائي وزيراعظم جي آفيس، پردانا پُترا، ۾ سرڪاري عزت سان ڀليڪار ڪيو ويو، جتي فوجي گارڊ آف آنر پڻ ڏنو ويو. ملائيشيا جي دوري دوران شهباز شريف سان گڏ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اطلاعات وارو وزير عطاالله تارڙ، ۽ خصوصي معاون طارق فاطمي پڻ شامل آهن. دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن ۾ واپار، ٽيڪنالاجي، تعليم، توانائي، ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ آهي.پرڏيهي کاتي موجب “هي دورو پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو عڪس آهي، جيڪي گڏيل احترام ۽ مفادن تي ٻڌل آهن.”
ايران ۽ آمريڪا ڳالهين ۾ اڳڀرائي، خامنائي پاران فوج کي تيار رهڻ جو حڪم
شاهراهه ڀٽو کي محفوظ ۽ ماڊل روڊ بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن
جهنگلي پکين جي غير قانوني شڪار تي پابندي لاڳو
گورنر راج ۽ ايمرجنسي نه لڳايون ها ته ڪي پي کي نقصان پهچي ها
حيدرآباد جي روڊ بابت ميڊيا جو ڪردار اهم آهي: مراد شاهه
ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ سريلنڪا کي پاڪستان جي شڪست
قومي تاريخ جي ناڪامين ۾ اسان سڀني جو حصو آهي: خواجه آصف
حوثي حملي جو خطرو، آمريڪا پاران عملي کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم
28هين ترميم بهتري لاءِ ٿئي ته پ پ انهي جي حمايت ڪندي
بدين، زمين تڪرار تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو، فائرنگ، 1 قتل
سنگاپور سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق
دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڊجيٽل چوري جو شڪ اتر ڪوريا تي ڇو آهي؟
”را“ سان لاڳاپا ۽ رياست مخالف سازش جا الزام رد، جوابدار جي سزا ختم
جتوئي ڀائرن خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي
نصيرآباد: ٻن هارين کي اغوا ڪيو ويو
اسٽاڪ ايڪسچينج،ڪاروباري هفتي دوران مثبت لاڙو
ڪراچي:موٽرسائيڪل لفٽر سميت 3 جوابدار گرفتار
ايف بي آر آڪٽوبر جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام
ايڊز متاثر ٻارن جي انگ ۾ واڌ، 3900 مريضن سان سنڌ اڳتي
ڪراچي واسي ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور










