ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ تيز برسات وٺي آهي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان برسات وسي. موسميات، سچل، مخدوم، ايم نائن، نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، اورنگي ٽائون، ميٽرووِل، بلديه ٽائون ۽ بفر زون ۾ بادل وسيا. برسات شروع ٿيندي ئي نارٿ ناظم آباد بلاڪ-جي ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. لاهور جي مختلف علائقن ۾ به رات دير سان مينهن وٺو، ٽائون شپ، جوهر ٽائون، لنڪ روڊ، ماڊل ٽائون، فيروزپور روڊ، پيڪو موڙ، پنڊي اسٽاپ، قائداعظم انڊسٽريل اسٽيٽ ۽ اڪبر چوڪ جي چوڌاري برسات کان پوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي. محڪمه موسميات اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان آهي. لاهور سان گڏ ملتان، فيصل آباد ۽ جھنگ ۾ به گجگوڙ ۽ ڱنوڻ سان تيز برسات وٺي. لوڌران ۾ زوردار برسات سبب شهر جي مختلف روڊ پاڻي هيٺ آهن، ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي آهي. پاڪپتن ۽ ڪماليه ۾ ۾ به گجگوڙ ۽ کنوڻ سان بادل ڀرپور وسيا، جڏهن ته چيچا وطڻي ۾ برسات دوران شهر ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾زالا باري ٿي آهي. ٽوبا ٽيڪ سنگهھ، چنيوٽ ۽ ڪبيروالا ۾ به تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات وسندي رهي. ٻئي طرف، خيبر پختونخوا جي مختلف شهرن ۾ به زوردار برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. چارسده ۾ شبقدر ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ رات دير تائين وقفي وقفي سان هلڪي برسات جاري رهي، جڏهن ته سوات جي ميداني علائقن ۾ به بادل وقت بوقت وسندا رهيا. خيبر پختونخوا جا مٿيان علائقا، جهڙوڪ ڪالام ۽ مالم جبه، تي موسم سرما جي پهريئن برفباري سان گرمي پد ۾ نمايان گهٽتائي اچي وئي. مانسهره ۽ مظفرآباد ۾ به رات دير سان زوردار برسات وٺي آهي.










