لنڊن (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي موجوده صورتحال انتهائي پريشان ڪندڙ آهي. اڄ هڪ دانشمندانه حڪمت عملي جي سخت ضرورت آهي. لنڊن ۾ برطانوي پاڪستاني پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقات ۾ چوڌري سرور چيو ته ڪشميرين جي پاڪستان سان محبت ۽ وفاداري ڪنهن به شڪ کان بالاتر آهي.چوڌري سرور چيو ته سندس پيغام آهي ته پاڪستان جي رياست کي آزاد ڪشمير ۾ مستقل امن ۽ استحڪام لاءِ اڳواڻن سان فوري طور تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ۽ انهن جي حقن جي ضمانت ڏني وڃي.










