لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي اڄ رات کان 7 آڪٽوبر تائين پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.پي ڊي ايم اي ترجمان موجب، اولهه جون هوائون صوبي جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿي ويون آهن، جنهن جي ڪري راولپنڊي، مري، اٽڪ، چکوال، جهلم ۽ منڊي بهاءُ الدين ۾ برسات جو امڪان آهي.ترجمان چيو ته گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد ۽ وزيرآباد، قصور، شيخوپوره، سيالڪوٽ، نارووال، ميانوالي، خوشاب، سرگوڌا، جهنگ، ننڪانه ۽ ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ به برسات جو امڪان آهي.ترجمان موجب، ڊيرا غازي خان، ڀڪر، ليه ۽ ملتان ۾ 6 آڪٽوبر تائين برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته بهاولپور، بهاولنگر، راجن پور، رحيم يار خان، مري ۽ راولپنڊي ۾ دريائن ۽ واهن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ جو امڪان آهي.










