مريم پاران مري لاءِ ٽرين ۽ گرين لائن بس هلائڻ جو اعلان

مريم پاران مري لاءِ ٽرين ۽ گرين لائن بس هلائڻ جو اعلان

مري: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سياحتي شهر مري جي لاءِ وڏا ترقياتي پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.مري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته گهٽ وقت ۾ نوازشريف ڪارڊيالوجي سينٽر تعمير ڪيو، اڄ ڪارڊيالوجي سينٽر ڪم شروع ڪري ڇڏيو ۽ 5 ماڻهن جي انجيو گرافي ٿي آهي، مان انهي سان ملي آئي آهيان، ڪجهه ڏينهن ۾ ڪارڊيڪ سرجري به شروع ڪنداسين.هن چيو ته انهي کان اڳ ڊسٽرڪٽ مري هو پر ڪم ڪندڙ آفيسر راولپنڊي جا هئا، مري ڊسٽرڪٽ بڻجي ويو هو پر انهي کي راولپنڊي مان هلايو ويندو هو، هاڻ مري جو پوليس، هيلٿ، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ڌار آهي، مون اعلان بعد ۾ ڪيو پهريان روڊ ٺهرائي ڇڏيو.پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته مري جي اسڪولن جي اپ گريڊيشن ٿي رهي آهي، مري ۾ پاڻي جو وڏو پرجڪيٽ آڻي رهيا آهيون، مري جي سينيٽيشن جي لاءِ به بهترين اسڪيم آڻي رهيا آهيون، مري جي لاءِ ٽورازم فورس ٺاهي ڇڏي آهي، اهو دنيا جو بهترين سياحتي هنڌ هوندو.هن وڌيڪ چيو ته ايڪسپريس وي ٺاهيو جتان کان لکين ماڻهو اچن وڃن ٿا، مري جي لاءِ سٿرو پنجاب گهٽي پاڙي جون صفايون ڪري رهيو آهي، مري ڪارڊيڪ سينٽر مان گليات جا ماڻهو به فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. ڀوربن ۾ به جديد سهولتن تي ٻڌل اسپتال ٺاهينداسين، انتظاميه کي هدايت ڪئي آهي ته ساملي اسپتال لاءِ 3 بسون هلايون.مريم نواز چيو ته مري جي لاءِ 15 بسن جو آرڊر ڪري ڇڏيو آهي، شاگرد، بزرگ ۽ عورتن جي لاءِ گرين لائن بس مفت هوندي، مري جي لاءِ ٽرين هلائينداسين، سياحن کي پنهنجي گاڏين ۾ نه اچڻو پوندو. هن چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن خالي اعلان ۽ ڪوڙا واعدا ڪيا، اعلان ڪرڻ آسان هوندو آهي پر ڪم ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، پنجاب ۾ بدترين ٻوڏ آئي پر اسان آفيس ۾ نه ويٺل هئاسين، جيڪي چون ٿا ته اسان چپ ڪري ڪم ڪندا آهيون، اهي ڪم ناهن ڪندا، اسان بنا واعدن جي ڪم مڪمل ڪري ڏيکاريا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو