ملتان: (ويب ڊيسڪ) ملتان جي تعلقي جلالپور پير والا جا ڪيترائي ڳوٺ گذريل 19 ڏينهن کان ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي. اهڙن ڳوٺن مان پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ سبب ٻوڏ متاثرين سخت پريشاني جو شڪار آهن.گذريل 19 ڏينهن کان بيٺل پاڻي سبب رهواسين جون ملڪيتون ۽ فصل تباهه ٿي ويا، پريشان رهواسين پاڻي جي جلد کان جلد نيڪال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. هوڏانهن نوراجه بهٽه بند ۾ پوندڙ گهاري کي ڀريو ويو آهي جنهن جي ڪري ستلج درياءَ جو پاڻي جلالپور پير والا جي ڳوٺن ۾ اچڻ کان روڪيو ويو. علائقي ۾ هاڻ رليف ۽ ٽرانسپورٽ آپريشن جاري آهي.ٻوڏ جي پاڻي سبب متاثر ايم 5 موٽر ملتان کان جهانگرا انٽرچينج تائين 18هين ڏينهن به بند آهي، پاڻي ۾ گهٽتائي کان پوءِ بحالي جو آپريشن شروع ٿيندو. ملتان ۾ قاسم بيلا جي ڀرسان موضع همروٽ به پاڻي هيٺ اچي ويو. ٻوڏ جي پاڻي سبب علائقي ۾ بخار ۽ وبائي مرض پکڙجڻ لڳا.ٻئي طرف سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽڙي بيراج تي ٻوڏ جي پاڻي ۾ لاٿ اچي وئي آهي. ٻوڏ وچولي درجي کان هيٺاهين درجي ۾ تبديل ٿي وئي آهي، جتي پاڻي جو وهڪرو گهٽ ٿي 2 لک 90 هزار ڪيوسڪ رهجي ويو. سنڌو درياءَ معمول موجب وهي رهيو آهي. منگلا ڊيم 99 سيڪڙو تائين ڀرجي چڪو آهي. جڏهن ته تربيلا ڊيم به 100 سيڪڙو ڀريل آهي.










