اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي حڪومت وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن جڏهن ته عالمي مالياتي فنڊ ملٽري، جوڊيشل آفيسرن ۽ سول بيورو ڪريسي جا اثاثا عوام آڏو آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.رپورٽ موجب حڪومت ٻوڏ متاثرين لاءِ ايمرجنسي فنڊز استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آءِ ايم ايف جي اجازت سان 389 ارب روپيه ايمرجنسي فنڊز مان وزيراعظم پيڪيج متعارف ٿيندو. ذريعن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ نقصانن جو شروعاتي اندازو 40 کان 50 ارب، حتمي اندازو 30 ارب روپيه آهي. سنڌ نقصانن جو شروعاتي اندازو 40 ارب روپيه لڳايو، وفد ۽ صوبائي اختيارين ۾ بجيٽ سرپلس، نقصانن، ريڪوري ۽ بحالي تي ڳالهيون جاري آهن. ذريعن موجب ٻوڏ متاثرين لاءِ رليف پيڪيج جي تجويز جو جائزو ورتو ويو، صوبائي حڪومتون ٻوڏ نقصانن جي حتمي ڊيٽا، آءِ ايم ايف سان شيئر ڪندا، پنجاب سان ڳالهيون اڄ شيڊول آهن. ذريعن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف ڪرپشن اينڊ ڊائيگناسٽڪ اسسمنٽ رپورٽ اڄ پبلش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جڏهن ته ناڻي واريو زارت رپورٽ پبلش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت گهريو.ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف ملٽري، جوڊيشل آفيسرن ۽ سول بيورو ڪريسي جا اثاثا عوام آڏو آڻڻ جو مطالبو ڪيو. آءِ ايم ايف کي ايف بي آر ٽرانسفارميشن ۽ پوليٽيڪلي ايڪسپوزڊ پرسن قدمن تي بريفنگ ڏني وئي، رپورٽ ۾ ترميم جي درخواست ڪئي وئي.ذريعن چيو ته آءِ ايم ايف آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي مڪمل اداره جاتي خودمختاري ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. آءِ ايم ايف ناڻي واري وزارت کان ٽيڪس پاليسي کي ايف بي آر کان ڌار ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو.










