ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصانن جو جائزو جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون

ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصانن جو جائزو جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سموري ملڪ ۾ آيل ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ٿيل نقصانن جي پورائي لاءِ شروع ڪيل ڪم هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف نيويارڪ ۾ يو اين جنرل اسيمبلي اجلاس کي خطاب کان فوري بعد ملڪ ۾ تازي ٻوڏ صورتحال ۽ بحالي جي جاري قدمن تي جائزه اجلاس طلب ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين لاءِ رليف ۽ بحالي جون ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن جي بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين. جنرل اسيمبلي ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن تي پاڪستانين جي آواز سموري دنيا تائين پهچائي. پاڪستان جهڙو ترقي يافته ملڪ موسمياتي تبديلي سبب ايندڙ قدرتي آفتن سبب مسلسل متاثر ٿي رهيو آهي.وزيراعظم وفاقي وزير احسن اقبال کي امداد ۽ بحالي جي آپريشن جي ڪڙي نگراني ۽ جائزه اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيئرمين اين ڊي ايم اي کي به صوبن ۽ پي ڊي ايم ايز کي مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ٿيل نقصانن جو هنگامي بنيادن تي ڪم مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻوڏ کان پوءِ فصلن ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن امدادي ڪارروائين، بحالي لاءِ جامع منصوبه بندي ۾ آساني ٿئي.وزيراعظم موٽر وي ايم 5 جي ستلج درياءَ ۾ ٻوڏ سبب متاثر حصي جي بحالي لاءِ اين ايڇ اي کي قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته موٽر وي ۾ جلال پور پير والا جي هنڌ تي پوندڙ گهاري جي فوري مرمت ڪئي وڃي. هن سيڪريٽري مواصلات ۽ چيئرمين اين ايڇ اي کي ايم 5 جي متاثر حصي تي نقصان جي جائزي جي هدايت ڏني ۽ صحت کاتي جي اختيارين کي پاڻي سبب پکڙجندڙ بيمارين کان بچاءُ جي حوالي سان سمورا ضروري قدم کڻڻ جا حڪم ڏنا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ فائديمند فصلن جي پوکي لاءِ به خصوصي قدم کنيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو