دبئي (ويب ڊيسڪ)ڊرائيور کان سواءِ گاڏيون هاڻي صرف سائنس فڪشن فلمون نه رهيون آهن، پر هڪ حقيقت بڻجي چڪيون آهن.دبئي جي روڊن ۽ ٽرانسپورٽ اٿارٽي (آر ٽي اي) جي مطابق، 2026 جي پهرين ٽه ماهي ۾ شروعاتي ٽيسٽنگ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو اتي روڊن تي ڊرائيور کان سواءِ ٽيڪسيون هلندي ڏسي سگهندا.آر ٽي اي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ ايجنسي ۾ ٽرانسپورٽيشن سسٽم جي ڊائريڪٽر خالد العوادي تصديق ڪئي ته اهي ٽيڪسيون اڳ ۾ ئي چونڊيل علائقن ۾ آزمائي رهيون آهن، جن ۾ جميره به شامل آهي.هن چيو ته اهي آزمائشون هن سال جي شروعات ۾ مشهور گاڏين ٺاهيندڙن پوني اي آءِ، بائي ڊو ۽ وي رائڊ سان ٿيل معاهدن جي مطابق ڪيون پيون وڃن.خالد العوادي دبئي ورلڊ ڪانگريس ۽ چيلنج فار سيلف ڊرائيونگ ٽرانسپورٽ دوران چيو ته خيال اهو آهي ته روبوٽڪسي سروسز 2026 جي پهرين ٽه ماهي تائين دبئي ۾ سرڪاري طور تي شروع ڪيون وينديون ۽ اهي عوام لاءِ دستياب هونديون.پوني اي آءِ، بيدو ۽ وي رائڊ پاران حفاظتي جائزي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ دبئي سلڪون اويسس ۾ شروعاتي روبوٽڪسي آزمائشون ڪيون ويون.ان کان پوءِ، بيدو ۽ وي رائڊ انهن آزمائشن کي شهر جي مصروف علائقن تائين وڌايو آهي، جنهن ۾ ڪل 60 گاڏيون چونڊيون ويون آهن، جن مان 50 بيدو جون ۽ 10 وي رائڊ جون آهن.آر ٽي اي روبوٽيڪسي آزمائشن لاءِ خاص اجازت ناما جاري ڪيا آهن، جن ۾ ٽيڪنيڪل ٽيمون ۽ آزاد صلاحڪار آزمائشي عمل جي هر مرحلي جي نگراني ڪندا آهن.










