حيدر آباد (ن س)وفاقي وزير آءِ ٽي شيزا فاطمه چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کي ڊجيٽل حب ڏانهن وٺي وڃون، ۽ ايندڙ 3 سالن ۾ فائبر نيٽ ورڪ کي 60 سيڪڙو تائين وٺي وينداسين.حيدرآباد ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شزا فاطمه چيو ته آءِ ٽي شعبي ۾ نوجوانن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، وزيراعظم پاران اسٽارٽ اپس ۽ نوجوانن لاءِ فنڊ ريزنگ بابت خاص هدايتون آهن، آءِ ٽي جي فروغ لاءِ انساني وسيلن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، ۽ انفراسٽرڪچر لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ 8 انڪيوبيشن سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن، صرف حيدرآباد مان هڪ ارب کان وڌيڪ ماليت جا اسٽارٽ اپ ٺاهيا ويا آهن، هر سال ٽي لک کان وڌيڪ نوجوان تربيت وٺي رهيا آهن ۽ اسٽارٽ اپ شروع ڪري رهيا آهن، مختلف يونيورسٽين سان الحاق ۽ iCloud تي ڪم ڪيو ويو آهي.انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چيو ته ڊجيٽل ايڪٽ جي منظوري جو مقصد ڊجيٽل نظام ڏانهن وڌڻ آهي، ڊجيٽل نظام عام ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ آهي، زندگي جو هر پهلو ڊجيٽل ٿي رهيو آهي، اسان نادرا جي تعاون سان ڊجيٽل ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون، هر شخص جو ڊيٽا محفوظ هوندو، ڊجيٽل انقلاب ذريعي هر معلومات دستياب هوندي.شزا فاطمه اهو به چيو ته ڪنهن به شخص جو ڊيٽا جيڪو خريداري ڪندو آهي ان جو آمدني ۾ نه ويندو آهي، ايندڙ وقت ۾ گرين انيشي ايٽو تحت زراعت ۾ به ڊجيٽلائيزيشن ٿيندي.










