ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت گريڊ 20 هين جي آفيسر مزمل حسين هاليپوٽو کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو نئون ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو آهي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري سند س مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. موجوده ڊي جي شهمير خان ڀٽو کي بدلي ڪيو ويو آهي. مزمل هاليپوٽو هن وقت سوشل پروٽيڪشن کاتي ۾ تعينات هو جتان کيس بدلي ڪري ايس بي سي اي جو ڊي جي مقرر ڪيو ويو آهي. هو اڳ م سنڌ فوڊ اٿارٽي جو سربراهه به رهي چڪو آهي.










