امن رڳو جنگ جي خاتمي جو نالو ناهي: مريم نواز

امن رڳو جنگ جي خاتمي جو نالو ناهي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته امن صرف جنگ جو خاتمو ناهي. امن انصاف، محبت ۽ احترام سان رهڻ جو ٻيو نالو آهي.امن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ مريم نواز چيو ته امن انسانيت جو سڀ کان مقدس فرض ۽ ضرورت آهي.مريم نواز چوي ٿي ته امن اها طاقت آهي جيڪا انسان کي انسان بڻائي ٿي، امن ترقي جي طرف پهريون قدم آهي.هوءَ وڌيڪ چوي ٿي ته امن نفرت جي اونداهي ۾ به روشني پکيڙي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو