حيدرآباد(ن س ) ڪوٽڙي ۽ بولاري اسٽيشنن جي وچ ۾ هڪ مال گاڏي جون ڇهه بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.ريلوي ترجمان چيو ته مال گاڏي جي پٽڙي تان لهڻ کان پوءِ، بولاري اسٽيشن کان اپ ٽريڪ بند آهي جڏهن ته ڊائون ٽريڪ صاف آهي.ريلوي ترجمان موجب، باقي ٽرينن کي ڊائون ٽريڪ تان موڪليو پيو وڃي جيستائين اپ ٽريڪ نه کلي، جڏهن ته اپ ٽريڪ صاف ٿيڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪ لڳندا.ريلوي اختيارين اڃا تائين مال گاڏي جي بوگين جي پٽڙي تان لهڻ جي سببن بابت ڪجهه به نه چيو آهي، پر معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










