ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن (پي سي جي اي) جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق، ٻوڏ جي باوجود ڪپهه جي پيداوار ۾ سالايانو 40 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ 15 سيپٽمبر تائين 20 لک 4 هزار ڳٺڙين تائين پهچي وئي آهي. جنهن سبب اميد آهي ته ڪپهه جي درآمد وارو بل گهٽ ٿيندو. پي سي جي اي، جي رپورٽ مطابق، هن مدت دوران پنجاب جي جننگ فيڪٽرين ۾ 6 لک 90 هزار ڳٺڙيون پهتيون، جيڪي گزريل سال جي مقابلي ۾ 28 سيڪڙو وڌيڪ آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ 47 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي، جتي 13 لک 14 هزار ڳٺڙيون ان مدت تائين فيڪٽرين تائين پهتيون. هي انگ اکر اتساهيندڙ آهن، ڇو ته گذريل سال ڪپهه جي گهٽ پيداوار سبب پرڏيهه مان ڪپهه گهرائڻي پئي هئي. ڪاٽن جنرز فورم جي چيئرمين احسان الحق هن واڌ کي مختلف عنصرن جو نتيجو قرار ڏنو، جن ۾ پنجاب ۾ وڏي پيماني تي اڳواٽ پوکائي، گرمي پد جي ڪارڻ ٻوٽن جي تيز واڌ، ۽ سنڌ ۾ پيداوار ۾ واضح واڌ شامل آهي. مارڪيٽ سرگرمين ۾ پڻ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، ٽيڪسٽائل ملن 16 لک 52 هزار ڳٺڙيون خريد ڪيون، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ تقريبن 3 لک ڳٺ وڌيڪ آهي، جڏهن ته برآمد ڪندڙن 26 هزار 400 ھٺڙيون حاصل ڪيون، خريداري ۾ هن واڌ کان ملڪي سپلائي تي وڌندڙ اعتماد جو اشارو ملندو آهي. رپورٽ موجب سرگرم جننگ فڪٽرين جي تعداد ۾ پڻ خاطرخواه واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، پنجاب ۾ 212 فڪٽريون سرگرم آهن، جيڪو گذريل سال جي ان ئي عرصي جي مقابلي ۾ وڌيڪ آهي، سنڌ ۾ 216 فڪٽريون ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪو گذريل سال کان 30 فڪٽرين جي واڌ کي ظاهر ڪري ٿو، سنڌ جو ضلعو سانگھڙ سڀ کان وڌيڪ پيداوار وارو ضلعو رهيو آهي، جتي 7 لک 79 هزار ڳٺڙيون حاصل ٿيون، جڏهن ته پنجاب ۾ وھاڙي 1 لک 14 هزار ڳٺڙيون سان سر فهرست رهيو. احسان الحق چيو ته 2025-26 جي سيزن جي مجموعي ڪپهه جي پيداوار جي وڌيڪ واضح تصوير آڪٽوبر جي وچ تائين سامھون اچي ويندي، جڏهن ابتدائي چونڊائي مڪمل ٿي ويندي ۽ تازي سيلاب جا اثر به مڪمل طور تي ظاهر ٿيندا.










