اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 26 نومبر جي احتجاج ڪيس ۾ 11 گرفتار جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جوابدارن پنهنجي خلاف لڳايل الزامن کان انڪار ڪيو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي قيادت 13 نومبر تائين عبوري ضمانت تي آهي. پوليس سيڪريٽريٽ پوليس اسٽيشن ۾ داخل ڪيس ۾ ملوث 195 ڪارڪنن مان گرفتار جوابدارن جا چالان عدالت ۾ پيش ڪيا، جڏهن ته عدالت 184 غير حاضر جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو آهي.










