بلوچستان ۾ ڪڻڪ جو بحران، خوراڪ کاتي جو ذخيرو ختم

بلوچستان ۾ ڪڻڪ جو بحران، خوراڪ کاتي جو ذخيرو ختم

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ ڪڻڪ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي ڇاڪاڻ ته خوراڪ کاتي وٽ ڪڻڪ جو اسٽاڪ ختم ٿي ويو آهي.خوراڪ کاتي جي ذريعن موجب، 2024 کان 2025 تائين صوبي ۾ اڃا تائين ڪڻڪ خريد نه ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري هن سال ڪڻڪ جي خريداري نه ٿيڻ سبب، بلوچستان ۾ ڪڻڪ جو اسٽاڪ زيرو ٿي ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا جي منظوري سان، صوبي ۾ 2023 جو اسٽاڪ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته، بلوچستان ۾ سيپٽمبر 2025 کان مارچ 2026 تائين کاتي وٽ ڪڻڪ موجود ناهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده ڪڻڪ جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ بلوچستان حڪومت کي هڪ سمري موڪلي وئي آهي. سمري ۾ پاسڪو يا پنجاب حڪومت کان 500,000 ٿيلها ڪڻڪ جي خريداري جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي.ذريعن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ڪابينا جي منظوري کان پوءِ ڪڻڪ جي خريداري جو عمل اڳتي وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو