اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي سنڌو درياءَ جي هيٺاهين وارن هنڌن لاءِ هائيڊرو لوجيڪل الرٽ جاري ڪندي چيو ته سنڌ ۾ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج تي ٻوڏ صورتحال برقرار آهي.نيشنل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينيٽر دريائن ۾ وهڪرن ۽ ٻوڏ صورتحال تي تفصيلي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب چناب ۾ تريمون، مراله، خانڪي ۽ قادرآباد جي هنڌ تي پاڻي جي سطح ۾ لاڳيتو گهٽتائي کان پوءِ صورتحال نارمل آهي. پر پنجند جي هنڌ تي 3 لک 8 هزار ڪيوسڪ سان مٿانهين درجي جي ٻوڏ موجود آهي.ڏکڻ پنجاب جي ضلعن ملتان، مظفر ڳڙهه، راجن پور، لودهران، بهاوالپور، رحيم يار خان، علي پور، سيت پور، لياقت پور، اوچ شريف ۽ احمد پور شرقي ۾ ٻوڏ صورتحال برقرار آهي.راوي درياءَ جي صورتحال گڏيل طور تي معمول موجب آهي پر گنڊا سنگهه جي هنڌ تي هڪ لک 8 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو موجود آهي. ستلج درياءَ ۾ صورتحال نارمل آهي جڏهن ته سليمانڪي ۽ بيڊ اسلام جي هنڌ تي 89 هزار ۽ 83 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو موجود آهي.رپورٽ موجب سنڌو درياءَ ۾ تربيلا ۽ تونسه تي صورتحال معمول موجب آهي، پر گڊو، بيراج تي 6 لک 35 هزار ڪيوسڪ سان مٿانهين درجي، سکر بيراج تي 5 لک 38 هزار ڪيوسڪ سان وچولي درجي ۽ ڪوٽڙي بيراج تي 2 لک 78 هزار ڪيوسڪ سان هيٺاهين درجي جي ٻوڏ موجود آهي. گڊو بيراج تي موجود وهڪرو ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ سکر ۽ 24 کان 26 سيپٽمبر تائين ڪوٽڙي بيراج تي پهچندو. ڪوٽڙي بيراج تي وهڪرو 4 لک کان 4 لک 45 هزار ڪيوسڪ تائين وڌڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي اين ڊي ايم اي سول، عسڪري ادارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ ريسڪيو، رليف سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. هينئر تائين پنجاب ۾ تقريبن 27 لک ۽ سنڌ ۾ 16 لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي هدايت ڪئي آهي ته خطري هيٺ علائقن جا رهواسي فوري لڏ پلاڻ جي عمل ۾ تعاون ڪن، غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، هنگامي ڪٽس تيار رکن ۽ اهم دستاويز محفوظ ڪن عوام کي وڌيڪ رهنمائي جي لاءِ ڊيزاسٽر الرٽ ايپ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اين ڊي ايم اي سنڌو درياءَ جي هيٺاهين وارن هنڌن لاءِ هائيڊرو لوجيڪل الرٽ جاري ڪري ڇڏيو. اين ڊي ايم اي چيو ته اوڀرين دريائن جي وهڪرن ۾ اضافي سبب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌو درياءَ جي هيٺاهين وارن حصن ۾ ٻوڏ صورتحال جو امڪان آهي. اڄ گڊو بيراج تي پاڻي وهڪرو 635.759 ڪيوسڪ جيڪو 6.5 کان 7 لک ڪيوسڪ تائين وڌي سگهي ٿو. اين ڊي ايم اي موجب سنڌو درياءَ جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن کان 17 سيپٽمبر تائين تيز وهڪرن جو امڪان آهي جنهن سبب سکر، ڪوٽڙي سميت هيٺاهين وارن علائقن ۾ ٻوڏ صورتحال جو امڪان آهي. ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. عوامي حفاظتي انتظام رکن ۽ مقامي انتظاميه جي هدايت تي عمل ڪن.










