لاهور: (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن جي ريڪوزيشن تي سڀباڻي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي جڏهن ته اپوزيشن پاڻ کي کي نئين آزمائش ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽ اپوزيشن جي ريڪوزيشن تي گهرايل اجلاس ۾ ڪورم پورو ڪرڻ انهي جي لاءِ امتحان بڻجي ويو.اپوزيشن کي ڪورم پورو ڪرڻ جي لاءِ 93 ميمبرن جي ضرورت آهي. اپوزيشن جي ٽوٽل ميمبرن جو انگ 102 آهي. اپوزيشن جي اعجاز شفيع ۽ شيخ امتياز جي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي لاڳو آهي.اپوزيشن جو هڪ ميمبر ملڪ کان ٻاهر آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اپوزيشن ميمبر پنهنجن تڪن ۾ مصروف آهن. اپوزيشن جي ٽوٽل 99 ميمبرن مان 93 ميمبرن جي اجلاس ۾ شرڪت اپوزيشن جي لاءِ چيلينج بڻجي وئي آهي. اپوزيشن سڀاڻي جي اجلاس لاءِ ٻڏتر جو شڪار آهي.










