سکراسلام آباد: (بيورو رپورٽر) پنجاب جي درياهن تي پاڻي جو زور گهٽجي رهيو آهي، خميس تي فلڊ ڪميشن جي 2 وڳي جاري ڪيل رپورٽ موجب رڳو پنجند تي انتهائي وڏي ٻوڏ واري صورتحال راڪارڊ ٿي آهي. جتان 6 لک 60 هزار 350 ڪيوسڪس وهڪرو رڪارڊ ٿيو. پنجند بيراج جي گنجائش 8 لک 65 هزار ڪيوسڪس آهي ۽ هتان تاريخ جو وڏي ۾ وڏو وهڪرو 8 لک 2 هزار 513 ڪيوسڪس جو 17 آگسٽ 1973 تي گذريو هو. پنجند کان پاڻي گڊو بيراج تي ٻن ڏينهن ۾ پهچندو آهي. گڊو ۽ سکر بئراج وٽ سنڌو درياء ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو ته جاري آهي، پر بنهي بيراجن تي اڃا وچولي درجي جي ٻوڏ آهي. 24 ڪلاڪن دوران گڊو بئراج وٽ معمولي فقط 17 ڪيوسڪ واڌ آئي آهي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جي آمد 5 لک 2 هزار 861 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 4 لک 75 هزار 970 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته سکر بئراج وٽ به وچولي درجي جي ٻوڏ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. سکر بئراج وٽ 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 580.ڪيوسڪ واڌ اچي وئي سکر بئراج وٽ پاڻي جي آمد 4 لک 40 هزار 985 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 4 لک 12 هزار 735 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو هوڏانهن ڪوٽڙي بئراج وٽ به ننڍي ٻوڏ جا وهڪرا برقرار آهن. ڪوٽڙي بئراج وٽ 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 609 ڪيوسڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي آمد 2 لک 57 هزار 754 ڪيوسڪ ۽ نيڪال 2 لک 54 هزار 354 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.










