دوداپور ۾ نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ

دوداپور ۾ نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ

دوداپور (رپورٽر احسان علي ملغاڻي)دوداپور ويجھو مبينا طور نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتان ضروري ڪاروائي بعد فوتي نوجوان جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو واقعي جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو دوداپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ پندراڻي بروهي ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم ھٿياربندن گھر ۾ گھري نوجوان نزاڪت علي بروهي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو اطلاع ملڻ تي دوداپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي لاءِ تعلقي اسپتال ڳڙهي خيرو منتقل ڪيو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو رابطو ڪرڻ تي دوداپور پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي قتل جو اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ھٿياربندن نوجوان کي قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ٻئي طرف مقتول جي والد رجب بروهي جو چوڻ آهي ته ڪنھن سان به ڪا ذاتي دشمنيءَ ناھي گھر ۾ ستل ھئاسين ته فائرنگ جي آواز تي اٿياسين ته پٽ تڙپي رھيو ھو بروقت پوليس کي اطلاع ڪيوسين پوليس پھچڻ کان اڳ ھٿياربند فرار ٿي ويا ھنن ايس ايس پي جيڪب آباد سميت وارثن کان مطالبو ڪندي چيو ته پٽ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهيو هو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو