برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 900 کان وڌي ويو، اين ڊي ايم اي

برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 900 کان وڌي ويو، اين ڊي ايم اي

اسلام آباد(بيورور رپورٽ)پاڪستان ۾ طوفاني برساتن، سيلاب ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي حادثن سبب فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 900 کان وڌي ويو آهي. اين ڊي ايم اي بارشن ۽ سيلاب سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن مطابق ملڪ ۾ اڄ تائين 907 ماڻهو فوت ۽ 1044 زخمي ٿيا آهن. انگن اکرن موجب پنجاب ۾ برساتن سبب 223 ماڻهو فوت ۽ 654 زخمي ٿيا، جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ 502 ماڻهو فوت ۽ 218 زخمي ٿيا. اين ڊي ايم اي جي انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ برساتن سبب 58 ماڻهو فوت ۽ 78 زخمي ٿيا، جڏهن ته بلوچستان ۾ 26 ماڻهو فوت ۽ 5 زخمي ٿيا. گلگت بلتستان ۾ برساتن سبب 41 ماڻهو فوت ۽ 52 زخمي ٿيا، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 38 ۽ اسلام آباد ۾ 9 ماڻهو فوت ٿيا. اين ڊي ايم اي موجب برساتن ۽ سيلاب سبب اڄ تائين 7 هزار 848 گهرن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته 6 هزار 180 مال مويشي به مري ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو