لاهور: (ويب ڊيسڪ)راوي ۽ چناب دريائن جي خانيوال ويجهو سنگم تي پاڻي جھي ٻٽي دٻاءَ سبب ملتان ۽ مظفرگڙهه ضلعن لاءِ وڏي خطري جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي، جنهن بابت صوبي جي اختيارين”ٻٽي خطري“ جي روشني ۾ بي مثال آفت لاءِ تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن، جيتوڻيڪ گذريل هفتي دوران ڪيترن ئي جاين تي ڪنٽرولڊ بند ٽوڙيا ويا هئا. اختيارين جو چوڻ آهي ته ملتان ۽ مظفر ڳڙهه شهرن کي بچائڻ لاءِ 17 جاين تي ڪٽ لڳائڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ پاڻي خطري جي سطح تي وڌڻ جي صورت ۾ اڄ خميس تي ڪنهن به وقت ڪٽ لڳايا ويندا. هيڊ محمدوالا ۽ شير شاهه وٽ پاڻيءَ جي سطح 412 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا رڳو پنج فوٽ خطرناڪ سطح کان گهٽ آهي. اختيارين ايندڙ 12 ڪلاڪ انتهائي نازڪ قرار ڏنا، ڇو ته خانيوال وٽ راوي ۽ چناب جي سنگم کان پوءِ ٽٽل بندن تي دٻاءُ وڌندو پيو وڃي. اوڀر جي دريائن جي ڪنارن تي آباد شهرن کي بچائڻ لاءِ پنجاب حڪومت ڪنٽرول ٿيل بند ٽوڙڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، ته جيئن بئراجن ۽ مکيه بندن تي دٻاءُ گهٽجي ۽ شهرن کي تحفظ ملي سگهي. محمدوالا هيڊ، شير شاهه فلڊ بَنڊ ۽ رنگپور تي بند ٽوڙڻ بابت اهم فيصلو ڪجهه ڪلاڪن اندر ٿيڻ جي اميد آهي، 17 امڪاني هنڌن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. ساڳي وقت، حالتون ان ڪري وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويون آهن جو لڳ ڀڳ 5.5 لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جو وڏو ريلو مراله ۽ خانڪي هيڊ ورڪس مان گذري قادرآباد هيڊ ورڪس وٽ 5.3 لک ڪيوسڪ جي شدت سان رڪارڊ ٿيو، جيڪو خميس تي تريمو هيڊ ورڪس ۽ جمعي تائين ملتان خطي ۾ پهچڻ جي اميد آهي. صوبي جي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) جي هڪ آفيسر چيو: ”ايندڙ 12 ڪلاڪ انتهائي نازڪ آهن، اسان ٻٽي خطري کي منهن ڏئي رهيا آهيون: موجوده اونچي سطح ۽ هڪ نئين وڏي لهر جيڪا سڌو اسان ڏانهن اچي رهي آهي، سمورا وسيلا متحرڪ ڪيا ويا آهن“. ٻئي پاسي، ريلوي ٽريفڪ فيصل آباد کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان فيصل آباد تائين معطل ڪئي وئي، ڇو ته عبدالحڪيم ۾ چناب درياءَ تي پل پاڻي هيٺ اچي وئي آهي.
ٻوڏ جا چتاءَ
PDMA جي ڊائريڪٽر جنرل عرفان علي ڪاٽيا پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ ڀارت جا ٽي وڏا ڊيم ڀرجي وڃڻ جو امڪان آهي، جنهن سان پنجاب جي دريائي نظام ۾ اڳ ئي موجود خطرو وڌيڪ سنگين ٿي ويندو. هن ٻڌايو ته صرف گذريل 24 ڪلاڪن دوران سندن آفيس کي ٽي الڳ الڳ فلڊ وارننگز مليون آهن. چناب في الحال مستحڪم آهي، پر اڳ متاثر ضلعن کي وري پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ اچڻ جو خطرو آهي. ستلج ٻن مهينن کان ٻوڏ جهڙي حالت ۾ آهي، جڏهن ته راوي جسر پوائنٽ تي وڌندڙ سطح تي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جو: ”ٿئين ڊيم مڪمل ڀرجي چڪو آهي ۽ ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن تائين راوي ۾ پاڻي ڇڏيندو رهندو. جيتوڻيڪ صورتحال اڳي جهڙي نه هوندي، پر سطح وڌندي ضرور“. هن خبردار ڪيو ته راوي جو پاڻي هاڻي بجاءِ چناب ۾ ملڻ جي، پٺتي وهي رهيو آهي، جنهن سبب سطح گهٽجي نه رهي آهي۔ ”جيستائين احمدپور وٽ سطح گهٽ نه ٿيندي، تيسين سڌنائي وٽ به گهٽتائي نه ٿيندي“.
نازڪ فيصلا
پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز به محمدوالا هيڊ جو معائنو ڪيو۔ DG ڪاٽيا ٻڌايو ته هتي رڳو چار کان پنج فوٽ گنجائش بچي آهي، جڏهن ته شير شاهه پل ملتان وٽ رڳو ٻه فوٽ جو فرق بچيل آهي. ڪنٽرول ٿيل بند ٽوڙڻ بابت اهم فيصلا ٿي ويا آهن ته جيئن صورتحال بي قابو نه ٿئي ۽ اوور فلو کان بچي سگهجي.
نقصان ۽ بحالي
PDMA موجب، اڄ تائين 3900 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ 37 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. فوتگين جو انگ 46 تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته 14 لک کان وڌيڪ رهواسي ۽ 10 لک جانور محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن. 409 فلڊ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي لڳ ڀڳ 25 هزار بي گهر ماڻهو رهائش ۽ بنيادي سهولتن سان موجود آهن.










