آءِ ايم ايف مطالبن تي حڪومت جا تحفظات، تحريري چئلينج تي غور

آءِ ايم ايف مطالبن تي حڪومت جا تحفظات، تحريري چئلينج تي غور

حڪومت پاڪستان لاءِ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي گورننس ۽ ڪرپشن اسيسمينٽ رپورٽ سان لاڳاپيل مختلف مطالبن تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي.تفصيل موجب، گذريل هفتي وزارت خزانه ۾ مختلف اسٽيڪ هولڊرز جو هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن جو مقصد آءِ ايم ايف جي “گورننس ۽ ڪرپشن اسيسمينٽ رپورٽ” جي مسودي تي پاڪستان حڪومت جو باضابطه جواب تيار ڪرڻ هو.رپورٽ موجب، آءِ ايم ايف جي بيوروڪريٽس جي اثاثن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ نئين اختيار جي قيام جي مطالبي کي مزاحمت جو منهن ڏسڻو پوندو ۽ پاڪستان جو موقف آهي ته ايف بي آر ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا اڳ ۾ ئي هن حوالي سان موجود آهن.پاڪستاني ڌر رپورٽ کي تحريري طور تي چئلينج ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي ۽ اهو موقف اختيار ڪندي ته حڪومت پنهنجي دائري کي محدود ڪرڻ لاءِ “صحيح سائيزنگ” لاڳو ڪري رهي آهي، تنهن ڪري نئون ادارو قائم ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو