ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ)ڊيرا غازي خان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگرديءَ جي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.پنجاب پوليس جي ترجمان موجب، دهشتگردن جديوالي قبرستان جي ويجهو هڪ امپرووائزڊ ايڪسپلوزيبل ڊيوائس (آءِ اي ڊي) نصب ڪئي هئي، جنهن کي سيڪيورٽي فورسز نشانو بڻايو.پوليس چيو ته پوليس، ايس آءِ يو ۽ ايليٽ فورس جي ٽيمن سرچ آپريشن ڪيو ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو، جنهن کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ناڪاره بڻايو.ان حوالي سان، ڊي پي او ڊيرا غازي خان وڌيڪ چيو ته قبائلي علائقن ۾ پوليس ۽ فورسز جو سرچ آپريشن جاري آهي.










