سول ۽ فوجي تعاون، بلوچستان جي مسئلن جو حل قرار

سول ۽ فوجي تعاون، بلوچستان جي مسئلن جو حل قرار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)فيلڊ مارشل سيد عاصم منير بلوچستان جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سول ۽ فوجي ادارن جي تعاون کي ضروري قرار ڏنو.فيلڊ مارشل سيد عاصم منير بلوچستان جي شهر تربت جو دورو ڪيو. بلوچستان پهچڻ تي، ڪور ڪمانڊر بلوچستان طرفان فيلڊ مارشل جو استقبال ڪيو ويو.فيلڊ مارشل سان گڏ بلوچستان جو وڏو وزير، چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا.ان موقعي تي ڳالهائيندي، فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان فوج بلوچستان جي عوام سان گڏ آهي ۽ امن ۽ پائيدار ترقي جي ڪوششن جي مڪمل حمايت جاري رکندي.انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل امن قائم ڪرڻ ۾ فوجي جوانن جي ڪردار جي تعريف ڪئي ۽ ڏکڻ بلوچستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ عزم کي ورجايو ۽ سٺي حڪمراني ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي جي اهميت کي اجاگر ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل کي فتنہ الھندوستان خلاف ڪامياب آپريشن ۽ سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو