ڊار جي چيني هم منصب سان ملاقات، لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق

ڊار جي چيني هم منصب سان ملاقات، لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق

تيانجن: (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيني هم منصب وانگ زي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سي پيڪ، ٻطرفي تعاون سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.اسحاق ڊار ايس سي او پرڏيهي وزيرن جي ڪونسل اجلاس جي موقعي تي ٿيل ملاقات ۾ ايس سي او جي ڪامياب منعقد ڪرڻ تي چيني پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني.ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين اسٽريٽجڪ تعاون تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪندي علاقائي امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ بطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ارادن جو اظهار ڪيو.ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين سمورن شعبن ۾ ويجهي ڀائيواري جاري رکڻ تي اتفاق ۽ سي پيڪ منصوبن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. هن گڏيل ڀروسو وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ پراڻي دوستي ۽ سفارتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي زور ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو