ڪرڪيٽ ۽ فٽبال گرائونڊ جي نيلامي روڪڻ جو حڪم

ڪرڪيٽ ۽ فٽبال گرائونڊ جي نيلامي روڪڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي راڄڌاني ۾ 10 ڪرڪيٽ ۽ 10 فٽبال گرائونڊ جي نيلامي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته راند جا ميدان شهرين لاءِ آهن، سي ڊي اي انهن کي وڏي رقم ۾ نيلام نٿو ڪري سگهي.مختصر ٻڌڻي کان پوءِ عدالت اڳوڻي چيئرمين ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن سردار مهتاب جي درخواست تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سي ڊي اي ۽ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي نوٽيس جاري ڪندي انهن کان جواب طلب ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو