پشاور (ويب ڊيسڪ)سوات سانحي بابت تفصيلي رپورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي.سوات سانحي جي جاچ ۽ دريائن جي تحفظ بابت درخواست تي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران 384 صفحن تي ٻڌل جاچ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي.رپورٽ موجب، جاچ ڪميٽي 10 آفيسرن جا بيان رڪارڊ ڪيا ۽ ذميوار ماڻهن ۽ کاتن جي آفيسرن کي واقعي جي جاچ لاءِ الڳ الڳ جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو. رپورٽ ۾ واقعي کان پوءِ حڪومتي قدمن ۽ معطل آفيسرن جي تفصيل، ٻوڏ کان اڳ ۽ بعد ۾ ڪيل تيارين جي تفصيل، سوات سانحي کان اڳ ڪيل قدمن ۽ نظام ۾ خامين شامل آهن.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سوات سانحي کان 3 ڏينهن پوءِ، وڏي وزير تجاوزات خلاف آپريشن جي هدايت ڪئي.رپورٽ ۾ برسات جي اڳڪٿي جا ثبوت، قلم 144 جي نفاذ جا اعلان ۽ مون سون جي برساتن بابت اڳواٽ وارننگ پيغام پڻ جمع ڪرايا ويا آهن.










