حميرا جي موت جو ڪيس داخل ڪرائڻ دخواست داخل

حميرا جي موت جو ڪيس داخل ڪرائڻ دخواست داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اداڪاره حميرا اصغر جي پراسرار موت جو معاملو عدالت ۾ پهچي ويو آهي. ڪراچي جي رهواسي شاهزيب سهيل سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته حميرا اصغر علي جي موت قدرتي نه هئي پر کيس قتل ڪيو ويو هو، عدالت کي هن معاملي ۾ هر ممڪن قانوني قدم کڻڻ گهرجن.درخواستگذار ايس ايس پي ڏکڻ ۽ ايس ايڇ او گزري کي ڌر بڻايو آهي.عدالت ڌرين کي 16 جولاءِ تي رپورٽون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب اداڪاره جو لاش اٺ کان ڏهه مهينا پراڻو آهي ۽ سڙڻ جي آخري مرحلي ۾ پهچي چڪو هو. جسم ۾ ڪا به هڏي ٽٽل نه ملي. وارن ۽ قميص جا ٽڪرا ڪيميائي تجزيي لاءِ موڪليا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو