بنگلاديش جي دوري کان اڳ قومي ٽيم فٽنيس مسئلن جو شڪار

بنگلاديش جي دوري کان اڳ قومي ٽيم فٽنيس مسئلن جو شڪار

لاهور (ويب ڊيسڪ)بنگلاديش جي دوري کان اڳ قومي ٽيم فٽنيس مسئلن جي ڪري پريشان آهي، نائب ڪپتان شاداب خان، فاسٽ بالر نسيم شاهه ۽ وسيم جونيئر مڪمل طور تي فٽ نه آهن. ذريعن موجب، لاهور قلندرز جي کاٻي هٿ جي فاسٽ بالر سلمان مرزا ۽ کاٻي هٿ جي اسپنر سفيان مقيم کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. بنگلاديش جي دوري لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪيمپ 8 جولاءِ کان نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ منعقد ٿيندو.قومي ٽيم 16 جولاءِ تي بنگلاديش لاءِ رواني ٿيندي، ۽ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 3 ميچن جي ٽي 20 سيريز 20 جولاءِ کان شروع ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو